اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته اڄ اسان پاڪستان جي فارن سروس جي هڪ ايماندار آفيسر کي الوداع ڪريون ٿا، عهدو ڇڏيندڙ پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي گذريل 34 سالن ۾ پاڪستان جي وڏي امتيازي خدمت ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي آفيس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري جي اعزاز ۾ الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي لاءِ سندس نمايان خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي ۾ هو پاڪستان جي پرڏيهي پالي??ي جو محور رهيو ۽ هن عالمي سفارتڪاري جي پيچيدگين کي عزم ۽ ديانتداري سان نڀايو. نائب وزيراعظم چيو ته بطور پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ان کان اڳ ترڪيءَ ۽ هنگري ۾ پاڪستان جي سفير طور هن پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ سڄي دنيا جي ملڪن سان حصيداري کي فروغ ڏ??ڻ ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي. هن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سفارتي مصروفيتن جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته اعليٰ سطحي ملاقات?? دوران هو پاڪستان جي پرڏيهي پالي??ي جي ترجيحن ۽ قومي مفاد جي گهري ادراڪ سان واڳيل پنهنجي گهري ب??ير?? سان نمايان رهيو. نائب وزيراعظم چيو ته اسان گذريل ڪيترن ئي مهينن کان گڏجي ڪم ڪيو، مون کيس هڪ ذهين ۽ پاڪستان جي خدمت جي لاءِ مضبوط عزم سان هڪ شاندار شخص ڏٺو، سندس س?? کان ساراهه جوڳي خصوصيتن ۾ هڪ جيڪا نمايان آهي اها سندس اڻٿڪ ايمانداري آهي. هن عهدو ڇڏيندڙ پرڏيهي سيڪريٽري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسان توهان کي ياد ڪنداسين ۽ توهان جي تعاون جي سدائين تعريف ۽ قدر ڪئي ويندي.