اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) صدر آصف علي زرداري ڪراچي ايئر??ور?? ويجهو ڌماڪي ج?? مذمت ڪندي چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ ج?? لاءِ موثر ڪارروائي ڪرڻي پ??ندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پنهنجي بيان ۾ صدر آصف علي زرداري واقعي ۾ ٻن چيني شهرين جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر واقعي ۾ مارجي ويل چيني شهرين جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري ج?? چوڻ هو ته ملڪ دشمن عنصر پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون چيني شهرين ۽ انهن جي پ??نئيرن سان گڏ آهن.