اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ٻارن جو عالم?? ڏھاڙو 20 نومبر تي ملھايو ويندو. ان ڏينھن کي ملھائڻ جو مقصد ٻارن جي عزت، ھمٿائڻ ۽ حقن جي پاسداري کي يقيني بڻائڻ آھي. سڄي دنيا ۾ ٻارن تي ٿيندڙ تشدد جا مختلف واقعا سامھون اچي رھيا آ??ن. ??نھن سان ٻارن جي واڌ ويجهھ تي خراب اثر پئجي رهيا آھن. گڏيل قومن پھريون ڀيرو 20 نومبر 1954ع تي ٻارن جو عالمي ڏينهن ملھائڻ جو اعلان ڪ??و ھو ته جيئن ٻار، تعلي?? ۽ ??ربيت، معاشرتي ۽ مذھبي تربيت سان لاڳاپيل جاڳرتا کي اجاگر ڪري سگھن ۽ سڄي دنيا جا ٻار مستقبل ۾ پنھنجو ھاڪاري ڪردار ادا ڪري سگھن. ٻارن جي عالم?? ڏھاڙي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ سرڪاري، غير سڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام ھيٺ منعقد ٿيندڙ تقريبن ۾ ٻارن جي صحت، تعلي?? ۽ ??ربيت ۽ حقن جي تحفظ جي حوالي سان عوامي جاڳرتا اجاگر ڪئي ويندي.