اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ يورپي يونين جي گڏيل ڪميشن جو 14هون اجلاس اسلام آباد ۾ جاري آهي. پرڏي??ي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گڏيل ڪميشن جي اجلاس ۾ يورپي يونين جي وفد جي قيادت ايشيا اينڊ پيسفڪ جي ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پاولا پامپالوني ڪر?? ر??ي آهي جڏهن ت?? پاڪستاني وفد جي قيادت اقتصادي معاملن واري ڊويزن جو سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ڪر?? رهيو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه ٻولهه يورپي يونين سان پاڪستان جي وڌندڙ ح??يد??ري جي عڪاسي ڪر?? ٿي. ترجمان چيو ته اهي ساليانيون ملاقاتون ڌريون کي بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه ۾ مشغول ٿيڻ ۽ ٻطرفي تعاون جي اهم شعبن تي گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ قابل قدر پليٽ فارم فراهم ڪن ٿيون.