اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) بيلا روس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو جي اعزاز ۾ گذريل ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ باضابطا آجياڻي تقريب منعقد ڪ??ي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلا روس جي صدر جو وزيراعظم هائوس اچڻ تي پرجوش ??ستقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پرجوش ??نداز ۾ هٿ ملايو، هٿياربند فوج جي چست جٿي کين گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ??رانا وڄايا ويا. بيلا روس جي صدر گارڊ آف آنر جو معائنو ??ه ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلا روس جي صدر سان ڪابينه جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو جڏهن ته معزز مهمان به وزيراعظم کي پنهنجي وفد جي ميمبرن سان ملايو. بيلا روس جي صدر وزيراعظم هائوس جي باغيچي ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو.