اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مو??ب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشمي??ين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل هفتي چار ڪشمي??ين ??ي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي ڪشتواڙ جي مغل ميدان جي علائقي چاس ۾ ڀارتي فوج جي هڪ ڪئمپ ۾ شديد تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ترجمان چيو ته اهو واقعو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڦهليل اهڙي قسم جي زيادتين جي سلسلي ۾ تازو واقعو آهي. ترجمان چيو ته اسان ان پ??يش??ن ڪندڙ واقعي تي گهري ڳڻت?? جو اظهار ڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته حراست ۾ ٿيندڙ تشدد جي ذميوارن جو احتساب ڪيو وڃي.