اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪ??ال خان پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو سان ملاقات ڪئي. واپار واري وزارت جي جاري پڌرائيءَ موجب ملاق??ت ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي ناتن کي وڌائڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاق??ت ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ تاريخي، ??قافتي ۽ اسٽريٽجڪ ناتن کي هٿي ڏيڻ ۽ حقيقي واپاري صلاحيتن کي وڌائڻ جي ضرورت تي ز??ر ڀريو ويو. ملاق??ت ۾ وفاقي وزير مئي 2023ع ۾ ”ٽريڊ ان گڊز ايگريمينٽ“ کي عملي جامو پهرائڻ تي روشني وڌي، ??نهن ۾ پاڪستان ۽ ترڪ شين تي اوڳاڙين ۾ رعايت ڏني وئي هئي. سفير تجويز پيش ڪئي ته پاڪستان جنوري 2025ع ۾ ترڪيه ڏانهن هڪ وفد موڪلي ته جيئن اسلام آباد ۾ طئي ٿيل اعليٰ سطحي رياستي اجلاس کان اڳ عمل جوڳن منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي، ??نهن کي واپار واري وزير ساراهيو. ڄام ڪ??ال خان نجي شعبي کي با??ختيار بنائڻ لاءِ ڪاروبار دوست ماحول پيدا ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڀريو. هن وڌيڪ چيو ته بزنس ٽو بزنس مصروفيتن لاءِ ميچ ميڪنگ قدم اقتصادي تعاون کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. ٻنهي ڌُرين گڏيل رٿائن جا موقعا تلاش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سفير ۽ وفاقي وزير حڪومت کان حڪومت (جي 2 جي) ۽ ڪاروبار کان ڪاروبار (بي 2 بي) مصروفيتن جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ملاق??ت ۾ ٻنهي ڌُرين پاڪ- ترڪيه ناتن جي مستقبل با??ت اميد جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي گڏيل اقتصادي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جو عهد ڪيو.