اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ مس??م ورلڊ لي?? جي سيڪريٽري جنرل چيو آهي ته مس??مان ملڪن ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي عالمي ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني سان عالمي سطح تي هڪ اهم پيغام ويندو ته مس??مان دنيا ڇوڪرين جي تعليم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مس??م ورلڊ لي?? جي سيڪريٽري جنرل شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ جي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان اچڻ تي سندس آجيان ڪندي وزيراعظم اسلام آباد ۾ 11 ۽ 12 جنوري تي مس??مان ملڪن ۾ نياڻين جي تعليم تي عالمي ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني ۾ مس??م ورلڊ لي?? جي حمايت کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ان حصيداري جي پائيداري ۽ افاديت کي اجاگر ڪيو ۽ ان ڳا??هه تي اتفاق ڪيو ته اها ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان ان اهم موضوع بابت عالمي سطح تي هڪ اهم پيغام ويندو ته مس??مان دنيا ڇوڪرين جي تعليم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم مس??م ورلڊ لي?? جي مقصدن ۽ هدفن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. سيڪريٽري جنرل جي مدبراڻي قيادت کي ساراهيندي وزيراعظم عالمي سطح تي اسلام جي حقيقي تشخص کي فروغ ڏيڻ، مس??مان دنيا جي گڏيل مقصدن جي وڪالت نيز مذهبن، عقيدن ۽ تهذيبن جي وچ ۾ گڏيل احترام ۽ افهام ۽ تفهيم کي فروغ ڏيڻ ۾ تنظيم جي تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم مس??م ورلڊ لي?? جي مقصدن ۽ هدفن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن سيڪريٽري جنرل جا پاڪستان ۾ سيرت ميوزيم قائم ڪرڻ جي فيصلي تي ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته مس??مان دنيا جو هي اهم منصوبو جلد پڄاڻي تي پهچندو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل منصوبن جي جلد تڪميل خاص طور تي سيرت ميوزيم قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪم جاري رکندو. سيڪريٽري جنرل مس??مان ملڪن ۾ ڇوڪرين جي تعليم بابت عالمي ڪانفرنس جي شاندار انتظامن ۽ ان سلسلي ۾ مس??م ورلڊ ليگ سان تعاون تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۽ مس??مان امت جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندي عالمي سطح تي مس??مان دنيا جي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم ۽ ڪوششن کي ساراهيو. ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ وزيراعظم کي ٻڌايو ته هن ڪانفرنس جي پڄاڻي تي مس??مان ملڪن ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان متفقه ”اسلام آباد ڊڪليئريشن“ جاري ڪيو ويندو جيڪو عورتن جي تعليم جي فروغ جي حوالي سان هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن ٻڌايو ته هن ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا مان پنهنجي شعبن جا ناليوارا مختلف مڪتبه فڪر جا عالم، اسڪالرز ۽ تعليمي ماهر حصو وٺي رهيا آهن، هي ڪانفرنس عورتن جي تعليم ۽ اسلامو فوبيا جهڙن اهم موضوعن بابت غلط فهميون ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم ملاقات ۾ پاڪستان جي سعودي عرب سان پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي خادم الحرمين شريفين سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان ??ل سعو?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳا??هائيندي اسرائيل پاران معصوم فلسطينين تي جاري ظلمن جي مذمت ڪئي ۽ صورتحال جي بهتري جي لاءِ عالمي دنيا جي موثر ڪردار جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، خاص معاون سيد طارق فاطمي، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيدالمالڪي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.