اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تعميراتي منصوبن ۾ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي هداي?? ڪندي چيو آهي ته وڌندڙ شهري آبادي سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن جي حل لاءِ ضروري آهي ته شهرن جا ماسٽر پلان نئين سر جوڙيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدار?? ڪندي ڪيو. سرويئر جنرل آف پاڪ??تا?? اجلاس کي ڪيڊسٽرل ميپنگ (زمين جي پئماش) جي حوالي سان بريف ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ ميپنگ جو عمل جاري آهي، ان کانسواءِ ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙي جي علائقن جو ڊيٽا ملي چڪو آهي جنهن کي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي، ان عمل سان زمين جي اصل ملڪيت جي تعين جي حوالي سان ??يش ايندڙ مسئلن جو خاتمو ٿيندو ۽ بهتر منصوبابندي ۾ مدد ملندي، ٻيلا، واپڊا، ريلوي، اوقاف ۽ ٻين سرڪاري زمينن جي حدن جو تعين ٿي سگهندو، ڪيڊسٽرل ميپنگ جي ڪري ناجائز قبضا ڇڏرائڻ، م??ڪيت تڪرار ختم ڪرڻ ۽ قانوني ڪيس جلد اڪلائڻ، پراڻي رڪارڊ ۾ غلطيون ختم ڪرڻ ۽ آڊٽ ۾ مدد ملندي.