اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) سڄي دني?? وانگر پاڪستان ۾ به ڪرسمس جو ڏڻ اڄ جمعي ڏينهن ملهايو ويندو. ان ڏس ۾ مسيحي برادري ڪرسمس جي تيارين کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. ??جي ۽ سرڪاري ادارن ۾ مسيحي برادري جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪيڪ ڪٽڻ جون تقريبون به منعقد ڪيون پيون وڃن، جيتوڻيڪ ان اهم ڏڻ جون وڌيڪ تقريبون وبا جي ٻي لهر جي ڪري پوري دنيا ۾ ڊجيٽل طور تي منعقد ٿينديون، تنهن هوندي به مسيحي برادري ان وائرس کان محفوظ رهڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪندي جوش ۽ جذبي سان ان ڏڻ جي تيارين ۾ مصروف آهي، مسيحي برادري جو ڏڻ ڪووڊ -19 ايس او پيز تي عمل ڪندي ننڍي پئماني تي سرڪاري ميڙاڪن کان وٺي ڪيڪ ڪٽڻ جهڙي تقريبن تائين مختلف سرگرمين جي ذريعي ملهايو پيو وڃي، ڪرسمس فيسٽيول ۾ ڪرسمس ٽري، سانتاڪلاز ڪيرولز ۽ ڪرسمس تحفن جهڙيون روايتون شامل آ??ن جيڪي ان ڏڻ کي دلڪش بڻائينديون آهن، سمورا وڏي عمر جا ماڻهو پنه??جي ۽ پنه??جي پيارن لاءِ وفاقي گادي واري شهر جي مارڪيٽن ۽ هفتيوار بازارن ۾ خريداري جڏهن ته نوجوان ڪرسمس ٽري جي سجاوٽ ۽ پنهنجي، پنه??جي فيملي ۽ دوستن جي لاءِ ڪرسمس تحفن جي خريداري ۾ مصروف آهن.