اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) و??ير??عظم پاڪستان جو عوامي شڪايتن جي بهتر حل جو مشن جاري آه??. پنجاب پوليس جي اعليٰ آفيسرن جي لاءِ پاڪستان سٽيزن پورٽل بابت ورڪشاپ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آه??. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم آفيس ۾ قائم پي ايم ڊيليوري يونٽ جي عملدارن پاران جاري خط ۾ آءِ جي پنجاب?? ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز ۽ ڊي پي اوز کي ذاتي طور تي ٽريننگ ۾ شرڪت ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آه??. ورڪشاپ ۾ سمورن اعليٰ آفيسرن کي وڊيو لنڪ ذريعي شڪايتن جي حل تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي. برينگ و??ير??عظم جي آفيس ۾ قائم پي ايم ڊيليوري يونٽ جي عملدارن پاران ڏني ويندي. ورڪشاپ ۾ اعليٰ آفيسرن جي سدطح تي عوامي شڪايتن جي صحيح ۽ پائيدار حل جي لاءِ پاليسي سازي تي بريفنگ ڏني ويندي. پنجاب پوليس کانپوءِ ??اق?? صوبن جي اعل??ٰ پوليس آفيسرن کي پڻ سکيا ڏني ويندي. واضح رهي ته آءِ جي پنجاب جي آفيس پاران تفصيلي آڊٽ ٿيڻ کانپوءِ لاڳاپيل آفيسرن جو ورڪشاپ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آه??. سکيا هن ئي هفتي منعقد ڪئي ويندي.