اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومت ملڪ جي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت صحت ڪارڊ ۽ وز??راعظم هائوسنگ اسڪيم سميت ملڪي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا آهن، ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوان ننڍي پئماني تي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چنل جي پروگر??م ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ وڏي تعداد ۾ خاندانن کي هيلٿ ڪارڊز جي ذريعي علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي وڃي ان کانسواءِ وز??راعظم هائوسنگ اسڪيم تحت عوام کي گهر جهڙي بنيادي سهولت به فراهم ڪئي پئي وڃي.