اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڏکڻ آفريقا جي راند??گر هرشبل گب?? تي ڪشمير ليگ کان پاسو اختيار ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهڻ افسوسناڪ آهي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪرڪيٽ کي سياست جي لاءِ استعمال ڪرڻ جو عمل نريندر مودي اڳ ۾ به ڪري چڪو آهي جنهن جي اسان سخت مذمت ڪريون ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته هرشل گب?? تي پابندي جي لاءِ دٻاءُ وجهڻ سان ڪشمير جي تحريڪ کي ڪو نقصان نه په??ندو پر فائدو ئي ٿيندو. هن چيو ته پنهنجي غيرمنطقي سياسي مقصدن جي لاءِ عالمي رانديگرن کي روڪي هي پنهنجو ئي نقصان ڪندا. هن چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جا لکين شوقين آهن، ڪرڪيٽ کي سياست کان جدا رکڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشمير ليگ پاڪستان جي ڪرڪيٽ جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، ماڻهو ان کي ڏسڻ چاهين ٿا.