لاهور – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان سان اس??ن جو مضبوط اسٽريٽجڪ، سياسي، سماجي ۽ معاشي لاڳاپو آهي، ڪيترن ئي ملڪن جي ڳجهن ادارن جي سربراهن ڪابل جو دورو ڪيو آهي، انٽيليجنس جي سطح تي غيرروايتي رابطا برقرار رکيا ويندا آهن، ڀا??ت کي افغانستان ۾ ذلت ۽ رسوائي کڻڻي پئي، ڀا??ت جو افغانستان ۾ ڪو ڪردار نه آهي، بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي لاڏاڻي کانپوءِ به ڀا??ت خوف ۾ ورتل آهي، سيد علي گيلاني والاريل ڪشمير جي آزادي جو ستارو هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيئر صحافي مجيب الرحمان شامي سان سندس ڀا??ُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جي اظهار ۽ فاتحه خواني کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ڀا??ت حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ميت جي جيڪا بي حرمتي ڪئي آهي ان جي وزيراعظم عمران خان سخت مذمت ڪئي آهي. هڪ 92 سالن جو ڪشمير مجاهد موت کانپوءِ آزادي ۽ حريت جي علامت آهي. ڀا??ت ايترو خوفزده آهي جو هو ان جي عوامي جنازي جي اجازت ڏيڻ کان به ڊڄي رهيو آهي، نريندر مودي جيڪو هٽلر کان متاثر آهي ان جون ٽنگون ڏڪي رهيون آهن ۽ هڪ ميت کي ان جي خاندان جي حوالي نه ڪيو ويو. هن چيو ته سيد علي گيلاني ڪشمير جي آزادي جو ستارو آهي، ڀا??ت سامراج جي هڪ دهشتگرد فلاسفي رکندڙ پارٽي ۽ دهشتگردي جي سرپرستي ڪندڙ ليڊر جيڪو ڀا??ت تي مڙهيل آهي جنهن جو نالو نريندر مودي آهي اهو ايترو بزدل آهي جو هو آزادي جي هڪ ستاري کي برداشت نه ڪري سگهيو. پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ان جي سخت مذمت ڪن ٿا. اس??ن ڪشمير جي ماڻهن ک?? ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اس??ن شيهي جي ديوار وانگر توهان جي پٺيان بيٺل آهيون، پاڪستان ڪشمير جي لاءِ ٽي جنگيون وڙهيون آهن، اس??ن جا قبرستان شهيدن سان آ??اد آهن جن ڪشمير جي لاءِ پنهنجو رت ڏنو آهي، ڪشمير جي 7 ڏهاڪن تي ٻڌل جدوجهد آهي جنهن ک?? اس??ن سلام پيش ڪريون ٿا ۽ اس??ن ان جو عملي حصو به آهيون. هن چيو ته افغانستان جي جيڪا صورتحال آهي ان ۾ خاص طور تي ڀا??تي ميڊيا تي حيران آهيان. هونئن ته اس??ن جو ڀا??ت سان واپار بند آهي پر آئون ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ اها تجويز پيش ڪندس ته پاڪستان ک?? ڀا??ت کي ”برنال“ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ڇو ته اتي تمام گهڻي ساڙ آهي. پاڪستان جي آءِ ايس آءِ چيف ڪابل جو دورو ڪيو آهي ان تي تمام گهڻيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ڇا ان کان اڳ آمريڪا جو سي آءِ اي چيف اتي نه ويو، ترڪيءَ ۽ قطر جي انٽيليجنس چيف ڪابل جو دورو نه ڪيو؟ پوري دنيا جي انٽيليجنس ايجنسين جي ورڪنگ هوندي آهي، علائقي ۾ لاڳاپن ۽ سياست کي ڏسڻو هوندو آهي، افغانستان ۾ جيڪو ٿئي ٿو ان جو پاڪستان تي تمام گهرو اثر پوي ٿو، اتان جيڪڏهن هجرت ٿئي ٿي ته سڀ کان وڌيڪ اثر پاڪستان تي پوي ٿو، جيڪڏهن سياسي عدم اس??حڪام آهي ته سڀ کان وڌيڪ پاڪستان متاثر ٿئي ٿو، جيڪڏهن افغانستان دهشتگرد تنظيمن جو مرڪز بڻجي ٿو ته ان جا پاڪستان تي اثر پون ٿا. هن چيو ته اس??ن جو افغانستان سان مضبوط اسٽريٽجڪ تعلق آهي ۽ ان جا معيشت، سياسي، سماجي ۽ معاشي تعلق تي اثر پون ٿا، اس??ن افغانستان جي صورتحال تي اکيون بند نه ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته هن وقت افغانستان جي اندر سياسي حڪومت نه آهي ۽ هڪ خال آهي، اهڙي صورت ۾ انٽيليجنس جا غيرروايتي رابطا هوندا آهن جيڪي برقرار رهندا. جيڪڏهن پاڪستان جو پرڏيهي وزير اتي ويندو ته ڪنهن سان ملاقات ڪندو. هن چيو ته افغانستان بابت اس??ن جي پاليسي دنيا سان گڏ آهي. آمريڪي صدر جو بائيڊن جيڪا ڳالهه اڄ چئي رهيو آهي ته افغانستان جي معاملن جو سياسي حل هجڻ گهرجي پاڪستان اها ئي ڳالهه اڄ کان ڪيترائي سال اڳ چئي رهيو هو، وزيراعظم عمران خان 2007ع کان چئي رهيو هو ته سياسي حل طرف وڌو. فرق رڳو ايترو آهي ته اولهه ايترو نقصان ٿيڻ کانپوءِ اها ڳالهه چئي رهيو آهي ۽ پاڪستان نقصان ٿيڻ کان اڳ ان طرف ڌيان ڇڪرايو هو. هن چيو ته پاڪستان جي پاليسي اها آهي ته اس??ن هڪ عام افغان ک?? ڇڏي نه ٿا سگهون، اس??ن جي لاءِ هڪ عام افغان جي زندگي جي به ايتري ئي اهميت آهي جيتري انهن ماڻهن جي آهي جيڪي افغانستان مان انخلا ذريعي ٻاهر هليا ويا آهن. پاڪستان افغانستان مان پرڏيهين جي انخلا جي لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي، ان ۾ اس??ن جي پي آءِ اي جو وڏو ڪردار آهي، اس??ن جي سفارتخاني وڏو ڪم ڪيو آهي، پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن جي لاءِ اس??ن جي اطلاعات واري وزارت متحرڪ ڪردار ادا ڪيو، اس??ن جا بارڊر کليل آهن، فضائي رستا کليل آهن ۽ اس??ن انهن جي مدد لاءِ تيار آهيون ۽ اهو سلسلو جاري رهندو. ان سان گڏوگڏ اهو چوڻ ته جيڪي ماڻهو ڪابل ۾ رهجي ويا انهن جي پرواهه نه ڪريو ته اهو مناسب نه آهي، اس??ن جي لاءِ اهي به اهم آهن جن جو انخلا ٿيو ۽ اهي به اهم آهن جيڪي پٺتي رهجي ويا آهن، اس??ن جي لاءِ ٻئي اهم آهن. جيڪڏهن اس??ن ڪٿي جيڪي پٺتي رهجي ويا آهن انهن ک?? ڇڏي ڏيون ته افغانستان ۾ عدم اس??حڪام پيدا ٿيندو ۽ اهو دنيا جي مفاد ۾ نه آهي. هن چيو ته برطانيا ۽ جرمني جا پرڏيهي وزير پاڪستان آيا، وزيراعظم عمران خان جي پرڏيهي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، شاهه محمود قريشي جي ڏيڍ درجن کان وڌيڪ پرڏيهي وزيرن سان ملاقات ٿي آهي. هن چيو ته اس??ن افغانستان ک?? اڪيلو نه ڇڏينداسين، افغان عملدارن سان ويجهو رابطو ضروري آهي ته جيئن اس??ن هڪ اهڙي حڪومت طرف اڳتي وڌون جيڪا افغانستان ۾ سمورن گروپن ۽ ماڻهن جي لاءِ قابل قبول هجي ۽ اس??حڪام اچي سگهي. ڀا??ت اس??ن جي انهن ڪوششن تي ڇو تنقيد ڪري رهيو آهي؟ ڀا??ت جي افغانستان سان هڪ انچ سرحد نه ٿي ملي. ڀا??تي ميڊيا جي گوڙ سان ته ائين لڳي ٿو ته افغانستان انهن جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، توهان پنهنجو ڪم ڪريو، يو پي اليڪشن اچي رهي آهي توهان اهي وڙهو، توهان افغانستان تي ڌيان ڏئي ڇو ويٺا آهيو، نه توهان جو افغانستان سان تعلق هو، آهي ۽ نه هوندو. هن چيو ته افغانستان جي حوالي سان اس??ن جي پاليسي وڏي واضح آهي ته اتي اس??حڪام گهرجي ۽ ڀا??ت جو ان ۾ ڪو ڪردار نه آهي، ڀا??ت کي جڏهن به ڪردار ڏنو ويو ان افغانستان جي زمين ک?? پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ اس??عمال ڪيو آهي ۽ اهو اس??ن ک?? قطعي طور قبول نه آهي اس??ن قطعي طور تي ان جي اجازت نه ڏينداسين ته ڪير افغانستان جي سرزمين ک?? پاڪستان جي خلاف اس??عمال ڪري سگهي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي فواد چوڌري چيو ته افغانستان جي صورتحال تي پرڏيهي آفيس ٻڌائي چڪي آهي، افغانستان ۾ سڀني جي مشاورت سان جيڪا حڪومت ٺهندي اس??ن ان جي حمايت ڪريون ٿا، جيستائين طالبان ک?? تسليم ڪرڻ جو معاملو آهي ته اس??ن اهو فيصلو اڪيلي نه ٿا ڪرڻ چاهيون، اس??ن خطي ۽ عالمي طاقتن سان گڏ اڳتي وڌنداسين، افغانستان جي اس??حڪام جي لاءِ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو اس??ن ڪنداسين. هن چيو ته اس??ن حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي ۽ اڄ ڀا??ت افغانستان ۾ اربين ڊالرز لڳائي به اڪيلو آهي، ڀا??ت جي ٽيڪس ڏيندڙن ک?? اهو پڇڻ گهرجي ته انهن جيڪو پئسو نريندر مودي کي ڏنو آهي اهو پئسو افغانستان ۾ ڇو ضايع ڪيو ويو، لوڪ سڀا جا ماڻهو جيڪڏهن توهان ڀا??ت جي عوام جا حقيقي نمائندا آهيو ته توهان ڀا??ت جي حڪومت کان پڇو ته اربين ڊالرز جيڪي ڀا??ت جي غ??يب?? تي لڳڻ گهرجن اهي افغانستان ۾ ڇو ضايع ڪيا ويا. هن چيو ته افغانستان ۾ حڪومت سازي اس??ن جو ڪم نه آهي جو اس??ن انهن ک?? ٻڌايون پر اهو افغانستان جي عوام جو ڪم آهي. جهڙي طرح ٻين ملڪن جو ڪردار آهي اهڙي طرح خطي جي طاقت جي حيثيت سان اس??ن جو به هڪ ڪردار آهي جيئن ترڪيءَ، روس ۽ چين جو ڪردار آهي جيئن ايران جو ڪردار آهي، اس??ن جو ڪردار انهن کان ڪجهه وڌيڪ آهي ڇو ته اس??ن جي 2700 ڪلوميٽر ڊگهي سرحد افغانستان سان ملي ٿي، اس??ن رڳو افغانستان جي اس??حڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين. هن چيو ته حريت ليڊر سيد علي گيلاني جي سرينگر هاءِ وي تي يادگار تعمير ڪرڻ جي لاءِ حڪومت کي تجويز ڏني ويندي. هن چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان بيمار آهي، اس??ن سڀ ان جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون.