لاهور – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو آهي ته چونڊ سڌارن تي حڪومت مخالف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏني، مخالف ڌر پارٽين کي هڪ ٻئي جي راءِ جي خبر نه آهي، مسلم ليگ (ن) ۾ قيادت جو جهيڙو آهي، پي ڊي ايم ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪي آهي، مخالف ڌر پاران ڪنهن به معاملي تي سنجيده تجويزون سامهون نه اچي ر??يو?? آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته اسان جي اها ڪوشش رهي آهي ته حڪومت کي مخالف ڌر سان رابطو بڻائڻ گهرجي ۽ ڳالهه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان مخالف ڌر کي چونڊ سڌارن تي ڳالهين جي دعوت ڏني ۽ چيو ته اليڪٽرانڪ وو??نگ مشينن جي استعمال تي ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي ۾ نالا ڏيو پر ٽي مهينا ٿي ويا آهن مخالف ڌر پاران ڪو نالو اسپيڪر کي ناهي مليو، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي لاءِ نالا ڏين پر اڃا تائين مخالف ڌر کي سمجهه نه اچي رهي آهي ۽ اهڙي طرح باقي ڪنهن مسئلي تي به مخالف ڌر جي ڪي راءِ نه آهي. هن چيو ته شهباز شريف، بلاول، مريم بي بي، فضل الرحمان هتان هُتان جو مربو ٺهي ويو آهي، هڪ جي راءِ ۽ ٻئي ۽ ٽئين جي راءِ ڪهڙي آهي ڪجهه خبر نه آهي. هن چيو ته پارٽين جي اندر ويڙهه جاري آهي، مسلم ليگ (ن) ۾ ٽاس ٿي رهي آهي ته قيادت ڪير ڪندو، هڪ ه??تو قيادت شهباز شريف، اڳيون هفتو مريم بي بي ۽ پوءِ ٽاس ٿئي ??ي ته شاهد خاقان عباسي ڪري ??وءِ اهو چيو وڃي ٿو ته نواز شريف قيادت ڪندو، حقيقت ۾ مسلم ليگ (ن) جي اندر ويڙهه، جهيڙو ۽ فساد جاري آهي، جڏهن اهو طئي ??يندو ته اهي اڳتي وڌندا. اطلاعات واري ??زير چيو ته پي ڊي ايم جو اتحاد اڳ ۾ ئي ??ڪرا ٽڪرا ٿي چڪو آهي، مخالف ڌر پاران ڪا سنجيده ڳالهه سامهون نه اچي رهي آهي، چونڊ سڌارا، ڪا قانونسازي هجي مخالف ڌر پاران سنجيده ڳالهه ٻولهه نه ڪئي ??ئي ??ر اسان انتظار ڪنداسين.