اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انٽيليڪچوئل ڪميونيڪشن هائي ويز کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪي معيشت جي پائيدار ترقي ۾ ڊيجيٽل مالياتي نظام قائم ڪرڻ ۽ ڊيجيٽل ٽرا??سف??رميشن جي عمل ۾ شفافيت کي اهم حيثيت حاصل آهي، ڪلائوڊ ڪمپوٽنگ، بلاڪ چين، نيٽ ورڪنگ ۽ مصنوعي ذهانت تي اسان جو ڌيان هجڻ گهرجي، خواهش آهي ته اسان جا نوجوان وينچر ڪيپيٽل، آئيڊياز ??ئن?? ۽ انٽر پرينيوشپ جي ذريعي ملڪ جي خدمت ڪن ۽ ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن اها ڳالهه جدت ۽ ڪاروبار تي منعقد عالمي ڪانفرنس کي پنهنجي ورچوئل خطاب ۾ چئي. صدر چيو ته چوٿون صنعتي انقلاب آءِ ٽي ۽ ڪميونيڪشن جو انقلاب آهي، ڪنزيومر گڊز کان انٽيليڪچوئل گڊز جو انگ وڌڻ سان فور جي ۽ ف??ئي?? جي جي صورت ۾ رابطي ڪاري جو هڪ رستو کليو آهي، هي سنهري موقعو آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي حڪومت نه رڳو تعليم عام ڪري رهي آهي ته جيئن هر شخص ۽ شهري پڙهيل لکيل هجي پر انهن ماڻهن کي هنر به سيکاري رهي آهي جيڪي تعليم ۾ پٺتي رهجي ويا آهن، ان سان گڏوگڏ حڪومت اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ نوجوانن کي علم ۽ هنر ۾ اضافي جي لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي. موجوده دور جي گهرجن موجب ڪلائوڊ ڪمپوٽنگ، بلاڪ چين، نيٽ ورڪنگ ۽ مصنوعي ذهانت تي اسان جو ڌيان هجڻ گهرجي. صدر چيو ته ايف پي سي سي آءِ ۽ ٻين واپاري ۽ ڪاروباري تنظيم?? ۽ ??يسوسيئيشنز کي ان ڳالهه جو پڻ جائزو وٺڻ گهرجي ته هن وقت سڄي دنيا ۾ 500 سرفهرست ڪمپنين ۾ اهي ڪمپنيون اعليٰ مقام حاصل ڪري رهيون آهن جيڪي انساني ذه?? ۽ ??هانت سان واڳيل معاملن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، پاڪستان جي لاءِ اها ڳالهه ضروري اهي ته اسان اهي فاصلا جلدي سان طئي ڪريون جيڪي اولهه 30، 40 سال اڳ طئي ڪيا هئا. اسان وٽ اهي صلاحيتون ۽ وسيلا موجود آهن جن کي استعمال ۾ آڻيندي اسان پنهنجي نوجوانن کي ترقي جي سفر جي لاءِ تيار ڪري سگهون ٿا. صدر چيو ته اسان جي نوجوانن کي رهنمائي فراهم ڪرڻ جي به ضرورت آهي، حڪومت ان مقصد جي لاءِ به ڪم ڪري رهي آهي، خاص طور تي اقتصادي زونز قائم ڪيا پيا وڃن، آءِ ٽي زونز ٺاهيا پيا وڃ?? ۽ ??نهن زونز ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، ان جي لاءِ خام مال انساني ذه?? ۽ ??ماغ آهي، پاڪستان ۾ نوجوانن جي هڪ وڏي آبادي آهي، دنيا اسان جي طرف ڏسي رهي آهي، جاپان جي وزيراعظم مون کي ٻڌايو هو ته اسان هڪ لک تربيت يافته ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون، اهڙي طرح جرمني به چيو آهي. صدر چيو ته منهنجي خواهش اها نه آهي ته جن نوجوانن کي اسان تيار ڪريون اهي ما??ي ۾ ڊاڪٽر?? ۽ ??نجنيئرن وانگر ملڪ کان ٻاهر هليا وڃن، منهنجي خواهش آهي ته اهي نوجوان وينچر ڪيپيٽل، آئيڊياز ??ئن?? ۽ انٽر پرينيوشپ جي ذريعي ملڪ جي خدمت ڪن ۽ ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. صدر چيو ته ڊيجيٽل ٽرا??سف??رميشن هن ملڪ جي اهم ضرورت آهي، جاپان ڊيجيٽل ٽرا??سف??رميشن کي گورننس سان گڏائي پنهنجي معيشت کي تمام تيزي سان تبديل ڪيو آهي، پاڪستان جاپان جي تجربن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. صدر چيو ته ايندڙ 15، 20 سالن ۾ صنعتن جي اندر وڏيون تبديليون اينديو?? ۽ ??چي رهيون آهن. صدر چيو ته حڪومت جو فرض آهي ته اها انٽيليڪچوئل ڪميونيڪشن هائي ويز کي بهتر ڪري، هر شهري جي فور جي ۽ ف??ئي?? جي ت??ئي?? پهچڻ هجڻ گهرجي، ڊيجيٽل مالياتي نظام هجڻ گهرجي جنهن ۾ عورتن سميت سڀ بااختيار هجن. ڊيجيٽل ٽرا??سف??رميشن جي عمل ۾ شفافيت به ضروري آهي ته جيئن اسان جي معيشت ترقي ڪري. صدر چيو ته پاڪستان ۾ ترقي دير سان آئي آهي پر ان ۾ تمام گهڻي تيزي ايندي. صدر ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته ان سان نوجوانن کي اڳتي وڌڻ ۾ حوصلا افزائي ٿيندي. صدر غربت جي خاتمي ۽ ميرٽ جي بنياد تي وسيلن جي ورڇ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.