اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته تعميراتي شعبي جي ترقي ۽ فروغ خاص طور تي گهٽ لاڳت وارن گهرن جي تعمير ۾ بنا رڪاوٽ اڳڀرائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، تعميرات ۾ استعمال ٿيندڙ خام مال ۽ اهڙي طرح گيهه جهڙين بنيادي ضرورتن جي ش??ن جي طلب موجب بنا رڪاوٽ پهچ کي يقيني بڻائڻ ۽ انهن شين جي قيمتن ۾ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي حوالي س??ن هر ممڪن قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ضرورت جي بنيادي ش??ن ۽ تعميراتي مٽيريل جي طلب ۽ پهچ ۽ قيمتن ۾ استحڪام جي حوالي س??ن جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناني واري وفاقي ??زي?? شوڪت ترين، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي ??زي?? مخدوم خسرو بختيار، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ سيمنٽ ۽ سريي جي طلب ۽ پهچ ۽ قيمتن جي صورتحال کانسواءِ گيهه جهڙين بنيادي ضرورت جي ش??ن جي طلب ۽ پهچ ۽ قيمتن سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ غور ڪيو ويو. ??زي??اعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته تعميراتي شعبي جي ترقي ۽ فروغ خاص طور تي گهٽ لاڳت وارن گهرن جي تعمير ۾ بنا رڪاوٽ اڳڀرائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته تعميرات ۾ استعمال ٿيندڙ خام مال ۽ اهڙي طرح گيهه جهڙين بنيادي ضرورتن جي ش??ن جي طلب موجب بنا رڪاوٽ پهچ کي يقيني بڻائڻ ۽ انهن شين جي قيمتن ۾ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي حوالي س??ن هر ممڪن قدم کنيا وڃن.