اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ پهريون ڀيرو مارٽگيج فنان??نگ ??ي متعارف ڪرايو، غريب ماڻهو هاڻي مسواڙ بدران گهر جون قسطون ڏئي پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهندو. اهڙن خيالن جو ??ظه??ر هن نئون پاڪستان هائو??نگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نئون پاڪستان هائو??نگ اٿارٽي جي چيئرمين وزيراعظم ??ي ملڪ ۾ گهٽ قيمت تي رهائش جي فراهمي لاءِ جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مارٽگيج فنان??نگ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ 69 ارب روپين جي منظوري ڏئي رهي آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته گهٽ قيمت رهائش جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت ملڪ ۾ پهريون ڀيرو مارٽگيج فنان??نگ ??ي متعارف ڪرايو. هن چيو ته غريب ماڻهو هاڻي مسواڙ بدران گهر جون قسطون ڏئي پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهندو.