اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي پهچ وڌائڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن پوري ملڪ ۽ خاص طور تي پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن ۾ احتياط ۽ علاج جي خد??تن جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته ملڪ جي صحت جي شعبي کي طبي پيشيوار ماڻهن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي کوٽ جي ڪري مختلف چئلينجز درپيش آهن، اميد آهي ته صحتمند جوان پرو??را?? ڪميونٽي جي سطح تي خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن کي صحت جون خد??تون فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وزيراعظم جي ڪامياب جوان پرو??را?? تحت صحتمند جوان پروجيڪٽ جي حوالي سان بريفنگ اجلاس دوران ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خ??ص معامن محمد عثمان ڊار، گڏيل قومن جي پاپوليشن فنڊ جي نمائندي ڊاڪٽر بختيار قادروف، پاپوليشن فنڊ جي نمائندن ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊاڪٽر بختيار قادروف صحتمند جوان پرو??را?? بابت آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان منصوبي جو مقصد نوجوانن جي شموليت جي ذريعي ماڻهن جي صحت ۽ ڀلائي کي فروغ ڏيڻ آهي. هن ٻڌايو ته صحتمند جوان پرو??را?? جا مقصد هيلٿ ??ور??ج کي وڌائڻ ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سيالڪوٽ کي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي شموليت ۽ ڪميونٽي خد??تن تي ٻڌل سمارٽ نيٽ ورڪ جي ذريعي صحت جي ??ور??ج کي وڌائڻ جي هڪ پائليٽ پراجيڪٽ جي لاءِ چونڊيو ويو آهي. صدر صحتمند جوان پراجيڪٽ ۾ تعاون وڌائڻ تي گڏيل قومن جي پاپوليشن فنڊ کي ساراهيو.