اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت گلگت بلتستان جي عوام جي ڀ??ائي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي وڏي وزي خالد خورشيد سان ڳالهائين??ي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وڏي وزير وزيراعظم کي گلگت بلتستان ۾ جاري ترقياتي م??صوبن بشمول شندور روڊ، 20 ميگاواٽ هنزل پن بجلي م??صوبي، تته پاني ۽ اسڪردو روڊ تي ڪم جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ تي خاص ڌيان ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي.