اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خ??برپختونخوا بلدياتي چونڊن ۾ سڌو سنئون چونڊيل تعلقي ناظم حڪومتي معيار ۾ بهتري آڻيندا ۽ مستقبل جا اڳواڻ بڻجندا، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته خ??برپختونخوا بلدياتي چونڊن تي اٿندڙ شور ۾ ڪنهن کي اهو احساس ن?? ٿي رهيو آهي ته اهي چونڊون ڪامياب جمهوريتن ۾ ڏٺو ويندڙ نظام وانگر جديد ۽ منتقل ٿيندڙ اختيار رکندڙ بلدياتي نظام جي آغاز جو نڪتو آهن. سڌو سنئون چونڊيل تعلقي ناظم حڪومتي معيار ۾ بهتري آڻيندا ۽ مستقبل جا اڳواڻ بڻجندا.