اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمول?? اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي س??ن سندس سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ??طرفن لاڳاپن، افغانست??ن سميت خطي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته اس??ن سعودي عرب سان ??طرفن اقتصادي ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ انهن کي سياسي لاڳاپن سان ??م آهنگ بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. پرڏيهي وزير مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي معاونت تي سعودي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان ??ارچ 2022ع ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 39 هين اجلاس جي ميزباني لاءِ تيار آهي. هن چيو ته هڪ ٻئي پٺيان ??ن پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ج?? اجلاسن جي ميزباني مسلمان امت جي لاءِ پاڪستان جي سنجيده سوچ جي ترجماني ڪري ٿي. پاڪستان او آءِ سي کي مسلمان امت ج?? مستحڪم آواز سمجهي ٿو، اسلامو فوبيا، امن ۽ سلامتي ۽ پراڻن تڪرارن جي حل لاءِ او آءِ سي جي موثر ڪردار جو گهرجائو آهي. 40 سالن تائين جنگ ۽ جدل کانپوءِ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني بحران جي لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته ان جا اثر پاڙيسري ملڪن، خطي ۽ سڄي دنيا جي لاءِ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. اسان ڪشمير مسئلي جي حوالي سان او آءِ سي جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت تي او آءِ سي جا ٿورائتا آهيون. 57 مسلمان ??لڪن جو آواز رکندڙ او آءِ سي، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ موثر ڪردار ڪري سگهي ٿي. سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمول?? اجلاس جي شاندار انتظامن کي ساراهيندي پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.