اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارليامينٽ جي ڊجيٽل تبديلي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پارليامينٽ کي وڌيڪ موثر بڻائ?? لاءِ جديد ترين آءِ ٽي ٽولز سان ليس ڪيو وڃي، لاڳاپيل ادارا منصوبي کي ترجيح ڏين ۽ وڌيڪ دير کان بچ?? لاءِ وقت سر فيصلا ڪن. هو ايوان صدر ۾ سائبر ايفيشينٽ پارليامينٽ بابت صدارتي قدمن جي باري ۾ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي ۽ حڪومت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پراجيڪٽ جي اسٽيئرنگ ڪميٽي اجلاس کي منصوبي جي موجوده صورتحال ۽ ان ۾ شامل مختلف عمل جي باري ۾ آگاهه ڪيو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪميٽي هڪ مقرر وقت جي اندر منصوبي کي عمل جامو پارائ?? لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪري رهي آهي، پراجيڪٽ جي اهميت تي روشني وجهندي صدر چيو ته اي سلوشنز پارليامينٽ جي ڪارڪردگي کي نمايان طور تي وڌائڻ سان گڏوگڏ قانونسازي جي ڪم کي فوري طور تي اڪلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. هن چيو ته شفافيت آڻڻ ۽ گورننس ۽ س??ڪاري ادارن ??ي جوابدهي کي بهتر بڻائ?? لاءِ سرڪاري کاتن جي ڊجيٽل تبديلي ل??ءِ قدم کنيا پيا وڃن.