اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز ??لا??ي ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ وزيراعظم عمران خان پاران ??اه??ر جي دوري ??وران چوڌري ??جاعت حسين جي ص??ت معلوم ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پيڪا قانون سميت ٻين اهم معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. چوڌري پرويز ??لا??ي اطلاعات واري وفاقي وزير کي پيڪا قانون تي ميڊيا پارٽيز جي خدشن کان آگاهه ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته پنجاب جو اسپيڪر پيڪا قانون تي ميڊيا ۽ حڪومت جي وچ ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان موثر ريگيوليشن تي ڪم ڪري ??هيا آهيون. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت تنقيد جي آجيان ڪري ٿي پر تنقيد جي آڙ ۾ ڪنهن جي ذات تي حملو ڪرڻ قطعي طور تي ص??يح نه آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جا ميڊيا ڌرين سان جيڪي به معاملا طئي ٿيندا حڪومت انهن تي عملدرآمد ڪندي.