اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي ترقي لاء?? صنعتن ۽ ڪاروبارن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي سياحت جي ??عب?? ۾ بي پناهه موقعا آهن جنهن مان ڀرپور طور تي فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ نوجوانن کي مناسبت تربيت ۽ رهنمائي فراهم ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صنعت ۽ واپار سوات جي وفد س??ن ڳالهائيندي ڪيو جنهن عدنان علي جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته صنعتون ۽ ڪاروباري برادري واپاري ماپو وڌائڻ ۽ ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر سوات ۾ سياحت جي ??عب?? ۾ ترقي جي موقعن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته سياحت جي ??عب?? ۾ امڪانن م??ن فائدو کڻي ملازمت جا موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا. ان سلسلسي ۾ نوجوانن کي مهمان نوازي ۽ قيام ۽ طعام جي ??عب?? ۾ تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته حڪومت ??امياب جوان پروگرام تحت ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ قرض فراهم ڪري رهي آهي، سوات جا نوجوان سياحت ۽ مهمانوازي جي ??عب?? ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪن ۽ موقعن م??ن فائدو کڻن. صدر چيو ته حڪومت رستن سميت بنيادي ڍانچي جي ترقي سان سياحت کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي جڏهن ته نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن، ان موقعي تي وفد صدر کي پنهنجي مسئلن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، صدر وفد کي مسئلن جي حل ۾ تعاون جي خاطري ڪرائي.