لاهور – 10 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پوري پنجاب ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي وزيرن سردار آصف نڪئي ۽ سيد صمصام بخاري سان مل??قا?? ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن مل??قا?? ۾ صوبي جي سياسي صورتحال ۽ لاڳاپيل ??زا??تن جي جاري ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ پنجاب جو سڄو ترقياتي بجيٽ مخصوص شهرن تائين محدود رکيو ويندو هو، هن چيو ته پوئتي پيل ۽ ماضي ۾ ??ظر??نداز ڪيل شهرن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.