اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سنڌ هائوس کي نيلام گهر بڻايو ويو آهي، مسٽر فراڊيا جمع آهن، چوري، لُٽ مار جو پئسو انهن ماڻهن وٽ هو، سينيٽ اليڪشن ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن جا ضمير خريد ڪيا پئي ويا، وڊيو به موجود آهي، اليڪشن ايڪٽ واضح آهي ته ڪنهن ووٽر کي پئسن جي ذريعي خريد نٿو ڪري سگهجي، اليڪشن ڪميشن وٽ موقعو اچي ويو آهي ته هو ان جو خاتمو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حبيب اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران قانون ۽ انصاف واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري ??ان گڏ ميڊيا ??ان ڳالهائيندي ڪيو. فرخ حبيب چيو ته اين ايف سي جي مد ۾ سنڌ حڪومت 2000 ارب ??ڻي وئي پر ڪٿي استعمال ٿيا ان جو پتو ئي نه آهي، جيڪي ڪائونسلر نه پئي بڻجي سگهيا، اهي ٽڪيٽ جي لاءِ عمران ??ان جي پيرن ۾ ويٺل هئا، اليڪشن ڪميشن يوسف رضا گيلاني جي خلاف ڪيس جو به فيصلو ڪري ۽ ووٽ جي خريد ۽ وڪري کي فوري طور تي روڪي، ا??ان ايبسلوٽلي ناٽ چئي ڪجهه غلط ناهي ڪيو، ان جو نتيجو ڀوڳڻ جي لاءِ تيار آهيون، ڪپتان ڄمي مقابلو ڪندو، ڪنهن قسم جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندو ۽ نه ئي ڪمپرومائيز ڪندو، مملڪتي وزير چيو ته اڄ سڀ چور هڪ طرف ۽ عمران ??ان جي سامهون ڄمي بيٺل آهي، جڏهن ڪو اتحاد ٺهندو آهي ته سڀني کي گڏ ??ڻي هلڻو پوندو آهي، ا??ان پاڪستان جي جمهوريت کي نيلام گهر بڻجڻ نه ڏينداسين، ڀرپور مزاحمت ڪنداسين ۽ رڪاوٽ بڻجي بيهنداسين، آرٽيڪل 63 اي واضح آهي، قانون ان لاءِ ٺاهيو ويندو آهي ته ان جو خوف هجي، ماڻهو قانون نه ٽوڙين، جيڪڏهن انهن جا ضمير ايترا جاڳي ويا آهن ته نيلام گهر کان ٻاهر ن??رن ۽ ٻيهر اليڪشن وڙهي ڏسي وٺن ته انهن ??ان ڪيتري عوام آهي، ان موقعي تي قانون ۽ انصاف واري پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري چيو ته اليڪشن ڪميشن جي سامهون جيڪو ڪيس آهي اهو عام نه آهي، هڪ تاريخ لکي رهيو آهي ۽ ضمير فروشي جو اهو عمل عوام جي سامهون پهريون ڀيرو ته ناهي آيو، اليڪشن ڪميشن ا??ان آئيني ادارن، عوام جي ووٽ ۽ جمهوري عمل جو محافظ آهي، گيلاني جي وڪيل هاڻي اهو ٻڌايو آهي ته وڊيو جيڪا سامهون آئي اها ا??ان جي نه هئي، اليڪشن ڪميشن کي درخواست آهي ته هي اهم موڙ آهي، آئيني اداري کي ڪنهن ڪم جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي، هي موقعو آهي ته پارليامينٽ ميمبر ضمير وڪڻندا ته پاڻمرادو نوٽيس وٺي کين سزا ڏني وڃي.