اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم پرامن احتجاج جي لاءِ نڪري، ثابت ٿي ويو آهي ته پي ڊي ايم غيرملڪي قوت جي دٻاءُ تي بي اعتمادي رٿ آندي آهي، اسان جي حڪومت جهڙي ڪارڪردگي ماضي جي ڪنهن حڪومت نه ڏيکاري، پي ڊي ايم کي ڊپ هو ته ??سان مدو پورو ڪيو ته ??نهن جو سياسي دڪان بند ٿي ويندو، مخالف ڌر پنهنجي خ??اف ڪرپشن ڪيسز ختم ڪرائڻ جي لاءِ اين آر او ٽو چاهي ٿي، 20، 25 ڪروڙ رپين سان ضمير خريد ڪيا ويا آ??ن، ڇا ضمير خريد ڪري حڪومت ٺاهڻ جائز آهي؟ ضمير وڪرو ڪندڙن جي سياست ختم ٿي ويندي، اسان اليڪشن جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، ٽڪيٽس رڳو ان کي ڏينداسين جيڪو ملڪ جو سوچيندڙ هوندو، اميدوارن جا پاڻ انٽرويو ڪندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ عوام جي سڌوسنئون فون ڪالز جو جواب ڏيندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ توهان سان ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، مخالف ڌر ٽن سالن کان چئي رهي آهي ته ??ڪومت ناڪام ٿي وئي، مخالف ڌر جي چوڻ تي نئين چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن جو اعلان ڪري ڇڏيو، مخالف ڌر سپريم ڪورٽ ۾ ڇا ڪري رهي آهي؟ اهي گذريل ساڍا ٽن سالن کان اين آر او گهري رهيا آ??ن، اڳ ۾ مشرف انهن کي اين آر او ڏنو، 10 سالن ۾ ٻيهر انهن جي خ??اف ڪيس ٺهي ويا، انهن جي خ??اف 90 سيڪڙو ڪيسز ته ??ڳوڻي دور جا ٺهيل آهن. هن چيو ته ??هباز شريف ۽ سندس پٽ ضمانت تي آهن، نواز شريف سزا يافته ??هي، هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ??ڳ ۾ ته ??سان کي اليڪشن وڙهڻ جو تجربو نه هو، هاڻي اليڪشن جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، ٽيڪٽس جي ورڇ جي حوالي سان محتاط رهنداسين، ان تي به ڪم شروع ٿي ويو آهي، اڳتي اليڪشن ۾ اليڪٽيبلز بدران نظريي کي ترجيح ڏينداسين ۽ سوچي سمجهي ٽڪيٽون ورهائينداسين ته ??يئن پارليامينٽ ۾ اهڙا ماڻهو اچن جيڪي ملڪ جو سوچين ٿا، بيشڪ اليڪشن هارائي وڃان پر ٽڪيٽ رڳو ملڪ جو مفاد سوچيندڙن کي ئي ڏينداسين ۽ اميدوارن جا پاڻ انٽرويو ڪندس. وزيراعظم چيو ته مخالف ڌر کي عالمي قوتن جي حمايت حاصل هئي، اسان وٽ ثبوت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ به ميمبرن جي خريد ۽ وڪرو جا اطلاع اچي رهيا آ??ن، مون کي ٻڌايو ويو آهي ته هڪ هوٽل ۾ ميمبرن کي خريد ڪري آندو پيو وڃي، اسان جا ماڻهو انهن جي خ??اف ان هوٽل جي ٻاهران احتجاج ڪندا، جمهوريت ۾ ائين قيمتون ناهن لڳايون وينديون نه ئي ٻڪرين وانگر ميمبرن کي بند ڪري رکيو وڃي ٿو، اها ڇانگا مانگا جي جمهوريت آهي. وزيراعظم چيو ته مخالف ڌر کي اهو چيو ويو آهي ته ??مران خان جي حڪومت جو خاتمو ڪندا تڏهن ئي سٺا لاڳاپا قائم ڪيا ويندا، ڇا اها جمهوريت آهي؟ آئون به ان جي خ??اف احتجاج جي لاءِ نڪرندس، اڄ ريڊ زون ٻاهران عشاءَ جي نماز کانپوءِ پرامن احتجاج ٿيندو جنهن ۾ عوام کي به شرڪت ڪرڻ گهرجي ڇو ته ٻاهر جي ايجنڊا تي اسان جي حڪومت جي خ??اف سازش ڪئي وئي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ??ندس حڪومت جي دور ۾ معيشت جي صورتحال ۾ تمام گهڻي بهتري آئي آهي، رڪارڊ روانگي واپار ٿيو آهي، پوري ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پاڪستان ۾ پيدا ٿيا، آبادگارن وٽ تمام گهڻو پئسو آيو آهي، فصلن جي رڪارڊ پيداوار ٿي، تعميرات جي شعبي ۾ رڪاوٽون ختم ڪيون جنهن سان روزگار جا موقعا وڌيا ۽ ٽيڪس ۾ به اضافو ٿيو، ٻاهرئين ملڪ رهندر پاڪستانين رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو موڪليو پر هڪ مهيني کان جيڪو هي سياسي بحران پيدا ٿيو آهي اهو معيشت کي متاثر ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته مخالف ڌر کي اهو ڊپ هو ته ??يڪڏهن اسان جي حڪومت مدو مڪمل ڪيو ته ??نهن جا سياسي دڪان بند ٿي ويندا، خيربپختونخواهه ۾ اسان جي حڪومت پنهنجو پهريون مدو مڪمل ڪيو ته ??تان جي عوام اسان کي ٻيهر وڏي اڪٿريت سان چونڊيو، بحران جي ڪري رپئي تي بار وڌيو آهي. وزيراعظم چيو ته ??ئون قوم تي سدائين امر بالمعروف جي لاءِ زور ڏيندو آهيان، ان??اف جي رکوالي ڪرڻ قوم جو ڪم آهي، الله تعاليٰ اسان کي سٺائي سان گڏ بيهڻ جو حڪم ڏنو آهي، هي ڪهڙي جمهوريت آهي جنهن ۾ پئسو ڏئي ماڻهن کي خريد ڪيو پيو وڃي، ميمبر پنهنجو پاڻ کي وڪرو ڪري رهيا آ??ن، غيرملڪي مداخلت هاڻي واضح ٿي چڪي آهي، ان جي لاءِ عوام کي ان جي خ??اف احتجاج جي لاءِ نڪرڻ گهرجي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پنجاب جي حڪومت زبردست ڪم ڪيو آهي ۽ صحت ڪارڊ ان جو سڀ کان وڏو ڪارنامو آهي، 400 ارب رپيا ان جي لاءِ رکيا ويا آ??ن، عثمان بوزدار پنجاب ۾ هر خاندان کي هيلٿ ان??ورنس جي سهولت ڏني. وزيراعظم چيو ته ??سان به پئسا ڏئي ماڻهن کي خريد ڪري سگهياسين پئي پر اهو چوري جو پئسو هجي ها ان لاءِ مون ائين نه ڪيو ڇو ته پوءِ مون ۾ ۽ ٻين ۾ ڪو فرق نه هجي ها، منهنجو ضمير اهو ڪم ڪرڻ جي لاءِ نه ٿو مڃي. وزيراعظم چيو ته ??يڪڏهن صحيح معنيٰ ۾ پنجاب جي حڪومت جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو وڃي ته پنجاب ۾ هيٺئين سطح تي تمام گهڻي ترقي ٿي آهي، آبادگار ڪارڊ جهڙا قدم تاريخي آهن، خيبرپختونخواهه ۾ اسان جي ڪارڪردگي جي ڪري عوام اسان کي بلدياتي چونڊن ۾ ووٽ ڏنو. وزيراعظم چيو ته ??ئون ڪنهن ملڪ جي خ??اف نه آهيان، آئون دوستي جي حق ۾ آهيان ۽ جنگ جي خ??اف آهيان، آئون ان شيءَ جي خ??اف آهيان ته هڪ ملڪ اسان کي حڪم ڏي جڏهن ته ??سان ان جي لاءِ جنگيون وڙهيون هجن ۽ قربانيون ڏنيون هجن ۽ هو شڪريو به ادا نه ڪري، اسان ڪنهن جي غلامي نه ڪنداسين ۽ پنهنجي ملڪ جي مفاد جي خ??اف ڪنهن جي ڳالهه نه مڃينداسين. وزيراعظم چيو ته نبي ڪريم ﷺ مديني جي رياست جي وقت ٻه سپر پاورز هيون جن کي پاڻ ﷺ الله جو پيغام پهچايو، پاڻ ﷺ جي تعليم اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ڪراچي ترقي جي ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي ويو آهي، وفاقي حڪومت سنڌ جي حڪومت کي ان جو حق ڏي ٿي پر سمورا اختيار صوبائي حڪومت وٽ آهن، اسان کي اميد آهي ته ??يندڙ اليڪشن ۾ اسان سنڌ ۾ به کٽينداسين، ڪراچي کي اختيار ڏينداسين ۽ دنيا جي وڏن شهرن جي ترقي جهڙو ماڊل اتي به آڻينداسين. وزيراعظم چيو ته ??اڍا ٽي سال تمام مشڪل سان گذاريا، اهڙا ماڻهو هئا جيڪي پنهنجي فائدي جي لاءِ بليڪ ميل ڪندا رهندا هئا، اڳتي چونڊن ۾ ٽڪيٽ انهن کي ڏينداسين جيڪي پنهنجي ذات جو نه پاڪستان جو سوچين ٿا ۽ ضمير وڪرو نه ٿا ڪن. وزيراعظم چيو ته ماصي ۾ ڪنهن هڪومت اسان جهڙي ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪيو، پي ڊي ايم چاهي ٿي ته ??ها هارس ٽريڊنگ ڪري حڪومت ٺاهي ته ??يئن ته ??ڀ کان اڳ اها پنهنجا ڪرپشن ڪيسز ختم ڪرائي سگهي ۽ چونڊ عمل تي اثرانداز ٿيڻ جي لاءِ پنهنجا ماڻهو مقرر ڪرائي سگهي، مون کي خدشو آهي ته ??هي اي وي ايم مشين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ جو حق به ختم ڪرائيندا، اي وي ايم مشين سان چونڊ شڪايتن جو ازالو ٿي وڃي ٿو ۽ ڌانڌلي ممڪن نه ??ي رهي، ان لاءِ اهي ان جي حق ۾ نه آهن. وزيراعظم چيو ته 90 سيڪڙو پاڪستاني پي ٽي آءِ سان گڏ آهن، پي ڊي ايم چاهي ٿي ته ??نهن کي ووٽ جو هق نه هجي، انهن ڪڏهن به نيوٽرل امپائر سان گڏ مئچ ناهي کيڏي، ٻاهر جي طاقتن سان گڏجي مئچ فڪس ڪيو آهي، ان لاءِ سڄي قوم کي چوان ٿ و ته ??نهن جي خ??اف پرامن احتجاج جي لاءِ نڪري ڇو ته ??هو ثابت ٿي چڪو آهي ته ??نهن غيرملڪي دٻاءُ تي بي اعتمادي رٿ آندي آهي، ان غداري جي خ??اف احتجاج لازمي آهي.