اسلام آباد – 13 ̵1; آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير سيد امين ??لحق چيو آهي ته زندهه قومون پنهنجي ملڪ جي آزادي جو جشن تجديد عهد سان شڪراني جو سجدو ڪري ملهائينديون آهن. پاڪستان جي ڊائ??نڊ جوبلي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ هن چيو ته قوم کي اهو معلوم هجڻ گهرجي ته اسان کي آزادي جي اه?? عظيم نعمت پليٽ ۾ رکي پيش نه ڪئي وئي. ان آزادي جي راهه ۾ اسان جي بزرگن بي ??ثال قربانيون ڏنيون هيون. انهن کي آزادي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ۽ پنهنجي جانين ??ا نذرانا پيش ڪندي باهه ۽ خون جي درياءَ مان گذرڻو پيو. اه?? الله تعاليٰ جي رحمت ۽ رهنمائي ۽ مدد ئي هئي جنهن آزادي جهڙي عظيم نعمت سان اسان کي نوازيو، ان ۾ پنهنجي پروردگار جو جيترو به شڪر ادا ڪيو وڃي گهٽ هوندو.