اسلام آباد -05 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل ??يو آهي، ته ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ هيلٿ ڪيمپس قائم ڪيا ويا آهن. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ هن ??يو ته ٻوڏ جي هنگامي صورتحال ۾ هيلٿ ڪيمپن مان ماڻهن ??ي رليف ملندو. هن ??يو ته لسٻيلا سميت بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ هيلٿ ڪيمپون ڪم شر??ع ڪري چڪيون آهن. هن ??يو ته سنڌ جي 7 ضلعن قمبر شهدادڪوٽ، ??اد??، نوشهرو فيروز، سانگهڙ، مٽياري ۽ بدين ۾ پڻ هيلٿ ڪيمپ لڳايا ويا آهن. هن ??يو ته هيلٿ ڪيمپن ۾ دوائن سميت فري صحت سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن ??يو ته ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، اسان ڏک ۽ مصيبت جي هن ??هڙي ۾ عوام سان گڏ آهيون.