اسلام ??با?? – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي معاملن ۽ عالمي تعاون واري وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن اف??انستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ اف??انستان جي يونيورسٽين ۾ ڇوڪرين ۽ عورتن جي تعليم تي پابندي جي طالبان جي فيصلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٽيليفونڪ رابطي ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن اف??انستان ۾ سلامتي، ا??تحڪام ۽ امن جي حمايت ۾ پنهنجي مضبوط ??وق?? کي ورجائيندي اف??ان عوام جي پائيدار مستقبل جي لاءِ عالمي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ ۽ عورتن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت سان گڏوگڏ زندگي جي سمورن شعبن ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي مڪمل ۽ برابر شرڪت جي اهميت کي حقيقي قرار ڏيندي ٻنهي اڳواڻن چيو ته اسلام عورتن کي هڪ اهم مقام ڏنو آهي ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ زور ڏي ٿو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ شيخ عبدالله بن زيد النهيان ڳالهه ٻولهه دوران اف??انستان ۾ سلامتي، ا??تحڪام ۽ امن جي حمايت ۾ پنهنجي مضبوط ??وق?? ۽ اف??ان عوام جي پائيدار مستقبل جي لاءِ عالمي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو.