اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي خصوصي منصوبي ”پاڪستان انفارميشن سينٽر“ جي اهتمام هيٺ انفارميشن سروس اڪيڊمي، اسلام آباد ۾ نون ۽ مڊ ڪيريئر صحافين جي لاءِ ٻن ڏينهن وارو تربيتي ورڪشاپ پڄاڻي تي پهتو. ان تربيتي ورڪشاپ ??و موضوع ”فيڪ نيوز ۽ ڪوڙ تي ٻڌل بيانيي جو تدارڪ“ هو جڏهن ته ورڪشاپ ??و مقصد شرڪت ڪندڙن کي فيڪ نيوز ۽ منفي پروپئگنڊه جي تدارڪ 7 ان جو ٽوڙ ڪرڻ جي ضرورت ۽ اهميت کان روشناس ڪرائڻ هو. ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ ??و افتتاح اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ڪيو. ورڪشاپ ??ي ٻئي ڏينهن پهرين سيشن ۾ خيبر ٽي وي جي ڊائريڪٽر حسن خان شرڪت ڪندڙن کي انفارميشن ۽ فيئر ۽ پروپئگنڊه جي ٽولز ۽ پروپئگنڊه جي تدارڪ بابت تفص??لي پريزنٽيشن ڏني ۽ تربيتي ورڪشاپ ??ي شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب ڏنا. ٻئي سيشن ۾ ريڊيو پاڪستان جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل مرتضيٰ سولنگي ڇپجڻ کان اڳ خبرن جي تصديق ڪرڻ ۽ سچائي کان ڪم وٺڻ جي ضرورت ۽ اهميت تي روشني وڌي ۽ شرڪت ڪندڙن کي رياست جي خلاف پروپئگنڊه جو ٽوڙ ڪرڻ جي حڪمت عملي بابت ٻڌايو. ورڪشاپ ??ي ٽئين سيشن ۾ انفارميشن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل سعيد احمد شيخ شرڪت ڪندڙن کي سچي خبر جي ضرورت ۽ اهميت ۽ خبرون ٺاهڻ جي سموري عمل ۾ قومي مفادن کي نظر ۾ رکڻ بابت ٻڌايو ۽ انهن کي فيڪ نيوز ۽ ڪوڙي پروپئگنڊه کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ بابت آگاهه ڪيو. ورڪشاپ ??ي پڄاڻي تي خاص مهمان ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل انفارميش سروس اڪيڊمي سيد مبشر ت??قير شاهه ۽ نيشنل پريس ڪلب جي صدر انور رضا ٻن ڏينهن واري ٽريننگ ورڪشاپ ??ي سمورن شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا. بعد ۾ هن مهان مقررن کي يادگاري شيلڊز پيش ڪيون. ان موقعي تي خاص مهمان سيد مبشر ت??قير ۽ نيشنل پريس ڪلب جي صدر انور رضا کي پڻ يادگاري شيلڊز پيش ڪيون ويون. ورڪشاپ ??ي شرڪت ڪندڙن اطلا??ات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي ان قدم کي ساراهيندي اهم موضوعن تي تربيتي ورڪشاپس جو سلسلو جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.