اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري م??لڪتي وزير حنا رباني کر اڄ جمعي کان س??يل??ڪا جي گادي واري شهر ڪولمبو جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي معاملن واري م??لڪتي وزير س??يل??ڪا جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪندي. آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت کانسواءِ هو پنهنجي هم منصب سميت س??يل??ڪا جي قيادت سان ملاقات ڪندي. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ س??يل??ڪا جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن، جيڪي ٻطرفي تعاون جي سڀني رخن ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن. هن چيو ته ٻنهي م??ڪن سارڪ سميت گهڻ رخي فورمز ۾ به گڏجي ڪم ڪيو آهي. مملڪتي وزير حنا رباني کر جو س??يل??ڪا جو دورو ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ افهام تفهيم کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ مشڪل وقت ۾ س??يل??ڪا جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو پيغام ڏيندو.