اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان هنگري سان گڏيل تعاون کي ??ڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي ۽ هو هنگري سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپان کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هنگري جي دوري جي موقعي تي پنهنجي هم منصب سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيه?? وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن، دوري دوران هنگري ۾ اعليٰ تعليم جي لاءِ پاڪستاني شاگردن جي وظيفن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس هنگري جو دورو پاڪستان ۽ هنگري جي وچ ۾ لاڳاپن جي هڪ نئين دور جي شروعات آهي. پرڏيه?? وزير دوري جي دعوت تي هنگري جي پنهنجي هم منصب جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي ??ڌائڻ جي لاءِ سهولتي ڪردار ادا ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ هنگري اڄ مفاهمت جي ٽن ??اد??شتن تي پڻ صحيحون ڪيون آهن، جن مان هڪ راندين ۾ تعاون، سفارتي اڪيڊمين جي وچ ۾ تعاون قائم ٿيندو، پاڪستان ۽ هنگري جي فارن سروس اڪيڊميون هڪ ٻئي جي سفارتڪارن کي تربيت فراهم ڪنديُون جڏهن ته ٽئين مفاهمتي ??اد??شت جو تعلق هنگري جي يونيورسٽين ۾ پاڪستاني شاگردن جي لاءِ دستياب اسڪالرشپس کي ??ڌائڻ آهي. هن چيو ته هنگري جي حڪومت جو هي قدم ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته هنگري ٻطرفن لاڳاپن جي لاءِ اهو قدم کڻي مستقبل جي نسلن ۽ سفارتڪارن تي انويسٽ ڪري رهيو آهي. پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ هنگري جي وچ ۾ مفاهمت جي ان ??اد??شت جي نتيجي ۾ اسڪالرشپس جو انگ 2 سئو مان وڌائي 4 سئو ٿي ويندو. هن چيو ته هاڻي پاڪستان ۽ پاڪستاني شاگرد هنگري جون وڌيڪ اسڪالرشپس حاصل ڪندا ۽ اهو هڪ اشارو آهي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان ۽ هنگري جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي ??ڻ فروغ ڏنو ويندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڄ صحيح گڏيل مشا??رت ٿي آهي جنهن سان مختلف موقعا پيدا ٿيندا. پرڏيه?? وزير چيو ته هنگري پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ??و. ان کان اڳ پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري هنگري جي سفيرن جي سالياني ڪانفرنس کي ??ڻ خطاب ڪيو. سفيرن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي مسئلن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي ??تحد ٿيڻ گهرجي ۽ تڪرارن کان مٿانهون ٿي ڌرتيءَ تي موجود انسان کي ??احولياتي تبديلي جي ص??رت ۾ درپيش گڏيل چئلينجن کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي. پرڏيه?? وزير چيو ته اسان کي سفارتڪاري ۽ امن جو رستو نه ڇڏڻ گهرجي. ان کان اڳ پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري جو هنگري اچڻ تي پاڪستان جي سفير آصف حسين ميمڻ ۽ هنگري جي اعليٰ عملدارن شاندار استقبال ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري دوري دوران هنگري جي هم منصب سان ملاقات پڻ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو. ان کان اڳ ٻنهي پرڏيه?? وزيرن پاڪستان ۽ هنگري جي وچ ۾ تعاون جي ??اد??شتن تي صحيحون پڻ ڪيون. ڪنهن به پاڪستاني پرڏيه?? وزير پاران هنگري جو هي پهريون سرڪاري دورو هو.