اسلام آباد-21 مارچ (اي پي پي) اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ??يا ويا، زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 6.8 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اڱاري جي رات اٽڪل 9 لڳي 47 منٽن تي ملڪ جي مختلف حصن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ??يا ويا. زلزلي جا ??وڏا اسلام آباد، آزاد ڪشمير، ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ محسوس ??يا ويا. جڏهن ته فوري طور تي ڪنهن به نقصان جو اطلاع ناهي مليو. قومي زلزله پيما مرڪز مطابق زلزلي جو مرڪز افغانستان جي هندوڪش واري علائقي ۾ 180 ڪلوميٽر گهرائيءَ ۾ هو. جڏهن ته اسلام آباد ۾ زلزلي جي شديد لوڏن کي نظر ۾ رکندي صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽي?? جي هدايت تي اسلام آباد جي اسپتالن ۾ الرٽ جاري ڪيا ويا آهن. عملي ۽ اسپتال انتظاميه ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي مُنهن ڏ??ڻ لاءِ پيشگي قدمن کي يقيني بڻائين. صحت بابت وفاقي وزير اين ڊي ايم اي سان به رابطي ۾ آهي.