اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سردار اياز صادق جي رهائشگاهه تي ويو ۽ ساڻس وڏي ڀاءُ سردار محمود صادق جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ اس??ن جو?? سموريون همدرديون سوڳوارن سان آهن. هن دعا ڪئي ت?? الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل ڏي. ان موقعي تي وفاقي وزير اس??اق ڊار، خواجه آصف، اعظم نذير تارڙ ۽ مريم اورنگزيب پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.