اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلا??ل ڀٽو ??رد??ري عراق جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بغداد پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب عراقي گادي واري شهر بغداد پهچڻ تي عراقي نائب پرڏيهي وزير سميت ٻين ع??اقي عملدارن، بغداد ۾ پاڪستان جي سفير احمد امجد علي ۽ سفارتخاني جي سينيئر آفيسرن ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير بلا??ل ڀٽو ??رد??ري جو شاندار استقبال ڪيو. ٻنهي ملڪن جا پرڏيهي وزير اڄ باضابطا ڳالهيون پڻ ڪندا. پرڏيهي وزير بلا??ل ڀٽو ??رد??ري کي دوري جي دعوت عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين ڏني آهي. پرڏيهي وزير بلا??ل ڀٽو ??رد??ري دوري دوران ع??اقي قيادت سان ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن ۽ ٻطرفي تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. پرڏيهي وزير بلا??ل ڀٽو ??رد??ري پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپليڪس جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکندو. پرڏيهي وزير جي عراق جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم جي شعبي، ثقافتي تعاون ۽ ويزا جي سهولت بابت ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون پڻ متوقع آهن.