اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر را??ه پرويز اشرف چيو آهي، ته سنڌ کي سامونڊي طوفان سبب خطرا آهن، سن?? جي عوام کي انتهائي محتاط رهندي حڪومتي هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير شازيه عطا مري ۽ انجنيئر صابر حسين قائمخاني طرفان اٿاريل معاملي تي رمارڪس ۾ اسپيڪر چيو ته هي تمام وڏو مسئلو آهي، الله پاڪ کان دعا آهي ته الله سائين ان خطري کان اسان کي محفوظ رکي، اسان جي زميني ۽ سامونڊي فوج به ڪم ڪري رهي آهي، ان کان علاوه سنڌ حڪومت پاران کنيل قدم قدر جوڳا آهن، سن?? جي عوام کي ان صورتحال ۾ انتهائي محتاط رهڻ گهرجي ۽ حڪومتي هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ گهرجي.