اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف پرڏيهي و??ارت کي هدايت ڪئي آهي ته اها ڊاڪٽر عافيه جي سارسنڀال ۽ سندس جلد آزادي جي لاءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ رهي. وزيراعظم هڪ وزارتي ڪميٽي آهي جيڪا ڊاڪٽر عافيه جي جلد آزادي جي لاءِ ڪوششون تيز ڪندي. وزيراعظم ??فيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ش??باز شريف سان ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي ملاقات ڪئي. گذريل ٽن مهينن ۾ وزيراعظم ??ان ڊاڪٽر فوزيه جي اها ٻي ملاقات هئي. ان کان اڳ وزيراعظم ڊاڪٽر فوزيه صديقي سان ان جي ايف ايم سي جيل ۾ ڊاڪٽر عافيه صديقي سان ملاقات جي لاءِ آمريڪا روانگي کان اڳ ملاقات ڪئي هئي. ڊاڪٽر فوزيه وزيراعظم ??ي قيادت ۽ تعاون تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ??ي هدايت تي پرڏيهي و??ارت پاران ڊاڪٽر فوزيه صديقي کي آمريڪي ويزا ۾ مدد فراهم ڪئي و??ي ۽ آمريڪي جيل ۾ ڊاڪٽر عافيه سان ان جي ملاقاتن جو بندوبست ڪيو ويو. ڊاڪٽر فوزيه چيو ته منهنجي دوري جي لاءِ آمريڪي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪري توهان ڊاڪٽر عافيه جي آزادي جو بنياد رکي ڇڏيو آهي. اٽڪل 15 سال اڳ قيد ٿيڻ کانپوءِ کان پنهنجي ڀيڻ ملڻ جو هي پهريون موقعو هو ۽ مسلسل ٽن ڏينهن تائين ان سان ملاقات رهي. هن وزيراعظم کي ڊاڪٽر عافيه جي جلد آزادي جي لاءِ کنيل مجوزه قدمن بابت ٻڌايو. ڊاڪٽر فوزيه پنهنجي ڀيڻ ڊاڪٽر عافيه سان ملاقات جا تاثر بيان ڪيا ته وزيراعظم همدرديءَ سان ان کي ٻڌو. وزيراعظم ??ن ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت ان جي ڀيڻ جي لاءِ انصاف حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ان سان ڀرپور تعاون ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ڊاڪٽر عافيه صديقي جي خيريت ۽ آزادي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. وزيراعظم ??هباز شريف پرڏيهي و??ارت کي هدايت ڪئي ته اها ڊاڪٽر عافيه جي سارسنڀال ۽ ان جي جلد آزادي جي لاءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ رهي. هن پرڏيهي و??ارت کي اها به هدايت ڪئي ته اها ڊاڪٽر فوزيه جي آمريڪا جي ??ڳئ??ن دوري جي لاءِ مڪمل تعاون فراهمڪري، وزيراعظم هڪ وزارتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي جيڪا ڊاڪٽر عافيه جي جلد آزادي جي لاءِ ڪوششون تيز ڪندي.