اسلام آباد – 06 –جولاءِ (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف احتساب ريفرنس مان محمد نواز شريف جي بريت تي شڪراني جو اظهار ڪندي چيو آهي ته احتساب عدالت جو فيصلو گواهي ڏئي رهيو آهي ته نواز شريف کي سياسي طور تي نقصان پهچائڻ جي لاءِ ڄاڻي واڻي ڪوڙي ڪيس ۾ ملوث ڪيو ويو، ثابت ٿي ويو ته نواز شريف کي سياسي نقصان پهچائڻ جي لاءِ نيب نيازي ڳٺ جوڙ جي ذريعي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ??يو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته الله جو شڪر آهي ته محمد نواز شريف کي انصاف م??يو آهي، احتساب عدالت جو فيصلو گواهي ڏئي رهيو آهي ته نواز شريف کي سياسي طور تي نقصان پهچائڻ جي لاءِ ڄاڻي واڻي ڪوڙي ڪيس ۾ ملوث ڪيو ??يو. هن چيو ته عدالت تسليم ڪيو آهي ته نواز شريف لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ حڪومت جي اجازت سان ٻاهرئين ملڪ ويو، عدالت اهو ??ه تسليم ڪيو ته نواز شريف م??ڪ ۾ هجي ها ته جاچ جو حصو بڻجي ها. وزيراعظم چيو ته اهو ??بوت آهي ته ڄاڻي واڻي ان وقت جي انتقامي حڪومت نواز شريف کي مفرور قرار ڏياريو، ثابت ٿي ويو ته نواز شريف کي سياسي نقصان پهچائڻ جي لاءِ نيب نيازي ڳٺ جوڙ جي ذريعي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ??يو. هن چيو ته قائد محمد نواز شريف کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته الله تعاليٰ ڪوڙ تي ٻڌل هڪ ٻئي ڪيس ۾ کيس سرخرو ڪيو، اميد آهي ته محمد نواز شريف سان سياسي مقصدن جي خاطر جيڪو ظلم ۽ زيادتي ڪئي وئي، ان ۾ ان کي مڪمل انصاف م??ندو.