اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالر ڊپازٽ ڪرڻ تي سعودي عرب جي قيادت ۽ ڀائر عوام جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته سعودي عرب جي مدد سان ??اڪستان جي اقتصادي بحالي ۽ بهتري جي ڏس ۾ ڀائر ملڪ ۽ عالمي برادري جي وڌندڙ اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي عوام پاران ??و اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالر ڊپازٽ ڪرڻ تي سعودي عرب جي قيادت ۽ ڀائر عوام جو ٿورائتو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي لاءِ مالياتي مدد يقيني بڻائڻ تي آئُون خاص طور تي پنهنجي ڀاءُ ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جو ٿورائتو آهيان. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب پاران ان ??دد سان ??اڪستان جا پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب پاران ??عاونت جي فراهمي سان ??اڪستان جي اقتصادي بحالي ۽ بهتري جي ڏس ۾ ڀائر ملڪ ۽ عالمي برادري جي وڌندڙ اعتماد جي عڪاسي به ٿي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان ??اڪستاني معيشت ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ سمورن ضروري قدمن تي پرعزم آهيون. وزيراعظم ان ڏس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محم?? اسحاق ڊار ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير جا ب?? ٿورا مڃيا ۽ انهن جي ڪردار کي به ساراهيو آهي.