جڪارتا – 14 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اس?? مجيد خان انڊونيشيا جي گادي وار?? شهر جڪارتا ۾ آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائند??ي ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي ۽ هن وقت درپيش عالمي چئلينجز تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. ان کانسواءِ پرڏيهي سيڪريٽري ايشيا پيسفڪ خطي ۾ حصيداري کي مضبوط بڻائڻ ۽ امن ۽ اس??حڪام کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.