اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ت?? وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي م??تصر دوري ت?? روانو ٿي ويو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪندو ۽ سندس ڀاءُ شيخ سعيد بن زايد النهيان جي لاڏاڻي ت?? پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪندو. مريم اورنگزيب دعا ڪئي ت?? الله تعاليٰ مرحوم شيخ سعيد بن زايد النهيان کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ سوڳوار خا??دان کي اهو ناقابل تلافي نقصان برداشت ڪرڻ جي همت ڏي.