اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جديد ترين ملجم ڪلاس جنگي جهاز جي پاڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ شموليت دفاعي شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ طرف وڏو قدم آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ملجم پراجيڪٽ سان پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ نوان رستا کلندا ۽ اهو اسان جي دوستي جي پائيدار علامت ثابت ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان جي مالياتي ۽ صنعتي بنياد ۾ ترقي س??ن سامونڊي واپاري سرگرميون ڪيترائي ڀي??ا وڌڻ واريون آهن ۽ ??ن س??ن سامونڊي شعبي ۾ توسيع جي لاءِ اضافي صلاحيت جي ضرورت پيدا ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ڪراچي کان گوادر تائين سامونڊي انفراسٽرڪچر جي ترقي لاءِ پرعزم آهي ته جيئن خطي ۾ مستقبل جي واپاري ۽ ٽرانزٽ شپمينٽ جي مرڪز طور پاڻ کي تيار ڪيو وڃي. هن چيو ته ملجم ڪلاس جهاز اسان جي سيڪيورٽي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ا??ا ڪندو.