اسلام آباد_22 جولاءِ(اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪستان کي قدرت لازوال تحفن سان نوازيو آهي، برف سان ڍڪيل جبل، خوبصورت سامونڊي ڪنارا انهن تحفن ۾ شامل آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن بلوچستان صوبي جي سپيت سامونڊي ڪناري جي هڪ تصوير شيئر ڪندي چيو ته قدرتي نظ??رن سان هم آهنگ اهي ماڳ ??هم حيثيت رکن ٿا، قدرت ??ي انهن لاتعداد تحفن مان هڪ تحفو بلوچستان جو اهو منفرد سامونڊي ڪنارو آهي، جيڪو هڪ حقيقي معجزو آهي.