اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪما??ڊر (ر) عابد حسين خان جي رهائشگاهه تي ويو ۽ گوادر ۾ پاڪ بحريه جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ سندس پٽ ليفٽيننٽ ڪما??ڊر حمزه عابد جي ايصال ثوا?? لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته هن گوادر ۾ پاڪ بحريه جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪما??ڊر حمزه عابد جي والدين ۽ گهرڀاتين سان پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سان گڏ تعزيت جي لاءِ سندس گهر حاضري ڀري. نگران وزيراعظم چيو ته اسان بحيثيت قوم شهيدن جا مقروض آهيون، الله تعاليٰ شهيد جا درجا بلند فرمائي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ليفٽيننٽ ڪما??ڊر حمزه عابد جي ايصال ثوا?? لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي.