اسلام آباد -09 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگيءَ مراڪش ۾ زلزلي سبب ??يل جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته پاڪستا?? جي حڪومت، نگران وزيراعظم ۽ قوم هن ڏکئي وقت ۾ مراڪش جي عوام سان گڏ بيٺل آهن. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته قوم جون دعائون مراڪش جي برادر عوام ۽ حڪومت سان گڏ آهن. مشڪل جي هن گهڙي ۾ مراڪش جي ڀينرن ۽ ڀائرن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي. سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير قدرتي آفت ۾ زخمي ٿيل?? جي جلد صح??يابي لاء?? دعا ۽ نيڪ تمنائن جو پڻ اظهار ڪيو.