اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني هن وقت ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز اجلاس جي لاءِ لنڊن ۾ آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چي?? ته پاڪستان ٽن ڏهاڪن کانپوءِ ان فورم جي صدارت ڪري رهيو آهي، اجلاس ۾ دولت مشترڪه جي 56 ملڪن جا وزير ۽ نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته ميٽنگ جو ٿيم ”امنگ هائر“ ڊيليورنگ مور فار دي ڪامن ويلٿ“ آهي. ترجمان چي?? ته دولت مشترڪه جي اجلاس ۾ نوجوانن جي لاءِ مشغوليت، تعليم، روزگار ۽ ماحول جي ذريعي بهترين طريقن ۽ پاليسي ۾ هم آهنگي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي ذريعي نوجوانن جي ترقي ۾ پاڪستان پاران کنيل قدمن کي پيش ڪيو، جيڪو پٺتي پيل نوجوانن بشمول ڇوڪرين، اقليتن ۽ معذورن کي بااختيار بڻائڻ کي ترجيح ڏي ٿو. ترجمان چي?? ته نگران پرڏيهي وزير اجلاس دوران نوجوانن جي تربيت ۽ صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان جي پروگرامن ۽ هائي ٽيڪ صنعتن، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ??يڪ??الاجي ۽ ماحولياتي تحفظ ۾ انهن جي و??ند?? شموليت تي پڻ روشني وڌي.