اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ب??رڊ آف انويسٽمينٽ جي اعليٰ عملدارن کي ٻاهرئين ملڪ ره??دڙ پاڪستاني ڪميونٽي سان سيڙپڪاري حصيداري جي ل??ءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم سان بحرين جي ل??ءِ اڳوڻي پاڪستاني سفير جاويد ملڪ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ جاويد ملڪ ٻاهرئين ملڪ ره??دڙ پاڪستاني ڪميونٽي سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاراڻي سرگرمين ۾ تعاون جي ل??ءِ هڪ پليٽ فارم جوڙڻ جي تجويز ڏني. نگران وزيراعظم بورڊ آف انويسٽمينٽ جي اعليٰ عملدارن کي ٻاهرئين ملڪ ره??دڙ پاڪستاني ڪميونٽي سان گڏ سيڙپڪاراڻي حصيداري جي ل??ءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي.