اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نگران وزيراعظم، وزيرن، سينيٽرز ?? آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر ۽ وزيراعظم، چئني صوبن جي گورنرز ?? وڏن وزيرن کي خط لکيو آ??ي جنهن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگا??ي جي لاءِ تعاون ۽ آڪٽوبر ۾ گلابي ربن پائڻ جي درخواست ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب خط ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر تي آگاهي پ??د?? ڪرڻ ۾ توهان جو تعاون خاطرخواهه اثر وجهي سگهي ٿو، پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪري هر سال 40 هزار فوتگيون ٿين ٿيون، پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪري موت جي شرح سڄي ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته وڌيڪ موت جي شرح جو سبب مرض جي د??ر سان تشخيص هجڻ آهي، پنهنجو معائنو پاڻ ڪرڻ بابت آگاهي سان ڪيتريون ئي جانيون بچائي سگهجن ٿيون، آڪٽوبر جو مهينو هر سال ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پ??د?? ڪرڻ جي لاءِ ملهايو وڃي ٿو، هن مهيني بريسٽ ڪينسر تي آگاهي پ??د?? ڪري اسان هڪ صحتمند ۽ باخبر معاشري جي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڪردار اد?? ڪري سگهون ٿا.